اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي ادارن ۾ سڌارن جو مينڊيٽ مليو آهي ۽ اهو ئي اسان جي پارٽي جو منشور آهي، پاڪستان ۽ بدعنواني گڏ نه ٿا هلي سگهن، وزيراعظم عمران خان عالمي شهرت رکندڙ شخصيت آهي، ان جي ڀيٽ ڪنهن به صورت ۾ موروثي سياستدانن سان نه ٿي ڪري سگهجي، وزيراعظم معائنه ڪميشن اي جي پي آر جي ذريعي سرڪاري خريداري ۾ ٿيندڙ خرابي کي سڌارڻ جي لاءِ سفارشون جوڙي ورتيون آهن، سرڪاري خريداري جيڪا اي جي پي آر جي ذريعي ٿئي ٿي ??ن تي ساليانو اربين رپيا اضافي قيمت قو?? جي پئسي سا?? ادا ڪرڻي پوي ٿي، ان بگاڙ ??ي سڌارينداسين ۽ جيڪو به ذميوار هوندو ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي، جڏهن به احتساب ۽ ادارن ۾ سڌارن جي ڳالهه ٿئي ٿي ??ه مخالف ڌر پنهنجي سياسي ۽ مالي مفادن جي لاءِ گڏ ٿي وڃي ٿي، ادارن ۾ خرابي پيدا ڪندڙن جو احتساب ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي آءِ ڊي ۾ وزيراعظم معائنه ڪميشن جي چيئرمين احمد يار هراج سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته بدقسمتي سان انه?? ادارن کي ڄاڻي واڻي مفلوج ڪيو ويو. هن چيو ته پنهنجي منشور جي پاسداري ڪندي وزيراعظم عمران خا?? ادارن ۾ سڌارن ۽ ري اسٽرڪچرنگ جي لاءِ قدم کنيا آهن ۽ وزيراعظ?? جي سموري سياسي جدوجهد انهي جي لاءِ هئي ته ادارن ۾ شفافيت هجي. هن چيو ته پي آءِ اي، نيپرا، پيمرا يا جيترا به ريگيوليٽري جا ادارا آهن انهن جو فعال هجڻ اهميت رکندڙ آهي.
متعلقہ مضامین
-
Empowering Education: BARD Foundation’s Enduring Legacy at LUMS
-
Khawaja Asif criticises PTI for skipping national security meeting
-
Saleem Memon for upgrdation of Hyderabad Railways junction
-
Sindh, UNICEF discuss collaborative plans to improve health, education
-
سپر اسٹرائیک آفیشل تفریحی پلیٹ فارم
-
PM Nawazs name to be part of TORs, govt and opp agree
-
Nooriabad Industrial Zone’s uplift top priority
-
Sharjeel granted extension in interim bail
-
Wild Coaster ایپ تفریحی ویب سائٹ
-
PS الیکٹرانک آفیشل گیم پلیٹ فارم: گیمنگ کا ایک جدید تجربہ
-
MT آن لائن آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
-
PG سافٹ ویئر انٹرٹینمنٹ آفیشل ویب سائٹ کی خصوصیات اور فوائد